شاهنواز ٻرڙو ڊاڪٽر

شاهنواز ٻرڙو، ڊاڪٽر: نامور اسڪالر ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو ولد شير محمد ٻرڙو، پهرين مارچ 1938ع تي ڳوٺ گهٽهڙ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو. سندس والد قنبر شهر جو نامور استاد هو. شاهنواز ابتدائي تعليم ڳوٺ مان، مئٽرڪ 1959ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي مان، انٽر گورنمينٽ ڪاليج حيدرآباد مان، ايم ايس سي زولاجيءَ ۾ ايگريڪلچر يونيورسٽي فيصل آباد مان 1977ع ۾، سنڌ يونيورسٽيءَ مان ’سنڌ جي مختلف علائقن ۾ رهندڙ جهنگلي پکين جي جسم جي اندرين ۽ ٻاهرين حصن تي واقع ٿيندڙ مفت خور جيتن ۽ جيوڙن جو جائزو، موسمي تبديليءَ جو اثر ۽ انهن جي سڃاڻپ‘ جي عنوان سان زولاجي جي شعبي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر شجاعت الاڪبر جي رهبريءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. سنڏ ۾ سائنس جي مضمونن ۾ تحقيق جي کوٽ کي ڏسندي اهو هڪ اهم ڪم آهي. ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙي 1962ع ۾ وٽرنري آفيسر طور عملي زندگيءَ جي شروعات ڪئي. 1971ع ۾ سنڌ ايگريڪلچر يونيورسٽي ٽنڊي ڄام ۾ ليڪچرار مقرر ٿيو. 1980ع ۾ پروفيسر ٿيو، ان کان سواءِ ڊين آف فيڪلٽي پڻ رهيو. 1991ع ۾ زيڊ اي ڀٽو ايگريڪلچر ڪاليج ڏوڪريءَ ۾ پرنسپال مقرر ٿيو، جتان 1998ع ۾ رٽائر ڪيائين. ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙي سنڌيءَ ۽ انگريزيءَ ۾ ڪيترا مقالا ۽ مضمون لکيا، جيڪي سائنس مئگزين ۽ ٻين بين الاقوامي رسالن ۾ ڇپيا. شاهنواز ٻرڙو ڪيترن ئي شاگردن جو پي ايڇ ڊيءَ ۾ گائيڊ رهيو ۽ ڪيترائي سندس رهنمائيءَ ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪري چڪا آهن. پاڻ هن وقت لاڙڪاڻي ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1938.03.01  عيسوي

نامور اسڪالر ڊاڪٽر شاهنواز ٻرڙو ولد شير محمد ٻرڙو، پهرين مارچ 1938ع تي ڳوٺ گهٽهڙ، تعلقي قنبر ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

خير محمد لغاري
ثناءَ الله قادري
جمال خاتون بيبي سيوستاني
عبدالعزيز سومرو
اگهم راجا
ڀوڄراج شيوڪ
حفيظ ڪنڀر
درمحمد پنهور مولانا
جوکيو محمد الياس
حفيظ قريشي1
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون